Jeremiah 25:3 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
يهوداہ جي بادشاهہ يوسياہ بن آمون جي تيرهين سال کان وٺي اڄ ڏينهن تائين جيڪي ٽيويهہ ورهيہ گذريا آهن، تن ۾ خداوند جو ڪلام مون وٽ آيو آهي ۽ مون صبح جو سوير اُٿي اوهان کي ٻڌايو آهي؛ پر اوهان نہ ٻڌو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
”هن ملڪ جي بادشاهہ يوسياہ ولد امُون جي بادشاهيءَ جي تيرهين سال کان وٺي اڄ ڏينهن تائين جيڪي ٽيويهہ سال گذريا آهن تن ۾ خداوند جو فرمان مون تي نازل ٿيندو رهيو آهي، جيڪو مون اوهان کي بار بار پئي ٻڌايو آهي. پر اوهان ٻڌو اڻ‌ٻڌو پئي ڪيو آهي.