Jeremiah 25:30 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
تنهن ڪري تون انهن سڀني جي برخلاف هنن ڳالهين جي نبوت ڪر، ۽ انهن کي چئُہ تہ خداوند مٿان گجندو، ۽ پنهنجي پاڪ مڪان مان پنهنجو آواز بلند ڪندو؛ هو پنهنجي چراگاهہ جي برخلاف زور سان گجندو؛ هو زمين جي سڀني رهاڪن تي اهڙي هڪل ڪندو جهڙي ڊاک لتاڙڻ وارا ڪندا آهن.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پوءِ خداوند مون کي فرمايو تہ ”تون انهن سڀني جي خلاف هنن ڳالهين جي پيشن‌گوئي ڪر ۽ کين چئُہ تہ ’ خداوند آسمان مان گجندو، هو پنهنجي پاڪ مڪان مان پنهنجو آواز بلند ڪندو. هائو، هو نہ رڳو پنهنجي قوم جي خلاف وڏي زور سان گجندو، بلڪ ڌرتيءَ جي سڀني رهاڪن تي اهڙي هڪل ڪندو، جهڙي انگورن لتاڙڻ وارا جوش وچان ڪندا آهن.