Jeremiah 25:31 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
بلڪ زمين جي ڪناري تائين هڪل ايندي؛ ڇالاءِ جو خداوند کي قومن سان جهيڙو ڪرڻو آهي، ۽ هو سڀني انسانن سان حجت دليل ڪندو؛ باقي شريرن جي نسبت ۾ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ انهن کي ترار جي حوالي ڪري ڇڏيندس.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ڌرتيءَ جي ڇيڙن تائين هڪ هڪل واڪا ڪندي، ڇاڪاڻ تہ خداوند قومن کي ڏوهي قرار ڏيندو. هو پوري انسانذات جي عدالت ڪندو ۽ شريرن کي تلوار جي حوالي ڪندو. اهو خداوند جو فرمان آهي.‘“