Jeremiah 26:15 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
رڳو هيتري پڪ ڄاڻو تہ جي اوهين مون کي ماري وجهندا، تہ اوهين هڪڙي بيگناهہ جو خون پنهنجي مٿان، ۽ هن شهر تي، ۽ اُن جي رهاڪن تي آڻيندا، ڇالاءِ جو خداوند سچ پچ مون کي اوهان ڏي موڪليو آهي، تہ اهي سڀ ڳالهيون ڪري اوهان جن ڪنن تي وجهان.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
رڳو ايتري پڪ ڄاڻجو تہ جيڪڏهن اوهين مون کي ماري وجھندءُ تہ اوهين پنهنجي ۽ يروشلم شهر جي سڀني رهاڪن جي سر تي هڪڙي بي‌گناهہ جو خون آڻيندءُ، ڇاڪاڻ تہ سچ پچ خداوند ئي مون کي اوهان ڏانهن موڪليو آهي تہ اهي سڀ ڳالهيون اوهان کي ٻڌايان.“