Jeremiah 26:18 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
يهوداہ جي بادشاهہ حزقياہ جي ڏينهن ۾ ميڪاہ مورشتي نبوت ڪئي؛ ۽ هن يهوداہ جي سڄي قوم کي چيو تہ لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ صيون ٻنيءَ وانگي کيڙيو ويندو، ۽ يروشلم پٿرن جو ڍڳ ٿي ويندو، ۽ هيڪل وارو جبل ٻيلي جي مٿانهن هنڌن جهڙو ٿيندو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
”يهوداہ جي بادشاهہ حزقياہ جي ڏينهن ۾ ميڪاہ مورشتي اڳڪٿي ڪئي هئي. هن يهوداہ جي سڀني رهاڪن کي قادرِمطلق خداوند جو هي فرمان ٻڌايو هو تہ ’ صيئون جبل تي ٻنيءَ وانگر هر هلايو ويندو. هائو، يروشلم مٽيءَ جو ڍير ٿي ويندو، ۽ اُتي جتي هيڪل اڏيل آهي سو جھنگ ئي جھنگ ٿي ويندو.‘