Jeremiah 26:8 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن يرمياہ اُهي سڀ ڳالهيون سڀني ماڻهن کي ٻڌائي بس ڪيون جن جي ٻڌائڻ لاءِ خداوند حڪم ڪيو هوس، تڏهن ڪاهنن ۽ نبين ۽ سڀني ماڻهن اچي جهليس، ۽ چيائونس تہ تون ضرور مرندين.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پر جڏهن مون اهي سڀ ڳالهيون ماڻهن کي ٻڌائي بس ڪئي جن جي ٻڌائڻ جو خداوند مون کي حڪم ڪيو هو، تڏهن انهن سڀني اچي مون کي پڪڙي سوگھو ڪيو ۽ چيائون تہ ”هاڻ تو کي جيئرو نہ ڇڏينداسين.