Jeremiah 27:12 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ مون انهن سڀني ڳالهين بابت يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ کي چيو تہ اوهين پنهنجون ڳچيون بابل جي بادشاهہ جي پاڃاريءَ ۾ آڻي وجهو، ۽ انهي جي ۽ سندس قوم جي خدمت ڪريو تہ جيئرا رهو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
مون اهي ئي ڳالهيون يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ کي بہ چيون تہ ”اي صدقياہ! جيڪڏهن تون ۽ تنهنجي قوم زندہ رهڻ گھرو ٿا تہ پوءِ اوهين پنهنجيون ڳچيون بابل جي بادشاهہ جي غلاميءَ واري پاڃاريءَ ۾ آڻي وجھو ۽ انهيءَ جي ۽ سندس قوم جي تابعداري ڪريو.