Jeremiah 27:18 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
پر جي هو نبي آهن، ۽ خداوند جو ڪلام وٽن آهي تہ تڏهن هاڻي لشڪرن جي خداوند وٽ شفاعت ڪن، تہ جيڪي ٿانوَ خداوند جي گهر ۾ ۽ يهوداہ جي بادشاهہ جي گهر ۾، ۽ يروشلم ۾ بچيل آهن، سي بابل ڏي نہ وڃن.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پر جيڪڏهن هو سچ پچ نبي آهن ۽ وٽن مون خداوند جو فرمان آهي، تہ پوءِ اهڙيون اڳڪٿيون ڪرڻ بدران کين مون قادرِمطلق خداوند وٽ اهو عرض ڪرڻ گھرجي تہ جيڪو سامان منهنجي هيڪل ۾، يهوداہ جي بادشاهہ جي محل ۾ ۽ يروشلم ۾ باقي بچيل آهي سو بابل ڏانهن نہ کڄي وڃي.