Jeremiah 27:8 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪا قوم ۽ حڪومت انهيءَ بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جي خدمت نہ ڪندي، ۽ پنهنجي ڳچي بابل جي بادشاهہ جي پاڃاريءَ ۾ نہ وجهندي، تنهن قوم کي، خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ ترار سان، ۽ ڏڪار سان، ۽ مرض سان سزا ڏيندس، جيئن ڪ انهي جي هٿان هنن کي کپائي چٽ ڪري ڇڏيان.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پر جيڪا قوم ۽ حڪومت بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جي تابعداري نہ ڪندي ۽ پنهنجي ڳچي ان جي غلاميءَ جي پاڃاريءَ ۾ نہ وجھندي، تنهن قوم کي آءٌ خداوند جنگ، ڏڪار ۽ وبا سان سٽي وجھندس، جيستائين انهيءَ جي هٿان هنن کي بلڪل نابود ڪري نہ ڇڏيان.