Jeremiah 3:2 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
اُگهاڙين ٽڪرين ڏانهن پنهنجون اکيون مٿي کڻي نهاري ڏس؛ ڪٿي توسان ڪو نہ ستو آهي؟ رستن جي ڪناري، بيابان جي عرب وانگي تون هنن جي لاءِ ويٺي آهين؛ ۽ تو هن ملڪ کي پنهنجن زناڪارين سان، ۽ پنهنجي بدڪاريءَ سان ناپاڪ ڪيو آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ٽڪر تي ٺهيل جاين ڏانهن پنهنجيون اکيون کڻي نهاري ڏس تہ اتي ڪابہ اهڙي جاءِ آهي جتي تو سان ڪو ستو نہ هجي؟ تون بيابان جي رستن جي ڪناري پنهنجي يارن لاءِ ائين انتظار ۾ ويٺي آهين، جيئن بدوي رستن تي ويهي ايندڙ ويندڙ سان وهنوار ڪندا آهن. تو هن ملڪ کي پنهنجي اهڙي زناڪاري ۽ بدڪاريءَ سان ناپاڪ ڪيو آهي.