Jeremiah 3:6 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
يوسياہ بادشاهہ جي ڏينهن ۾ خداوند مون کي هيترو وڌيڪ بہ فرمايو تہ، جيڪي بي وفا اسرائيل ڪيو آهي سو ڪي تو ڏٺو آهي؟ هوءَ سڀ ڪنهن مٿانهين جبل تي، ۽ سڀ ڪنهن سائي وڻ هيٺ ويٺي آهي، ۽ اُتي زناڪاري ڪئي اٿس.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
يوسياہ بادشاهہ جي بادشاهيءَ دوران خداوند مون يرمياہ کي فرمايو تہ ”ڏٺئِہ، اسرائيل ملڪ جي بي‌وفا قوم ڇا ڇا ڪيو؟ هن ٽڪر تي ٺهيل هر ڪنهن جاءِ تي ۽ ڇانوري واري هر وڻ هيٺ وڃي بت‌پرستي ڪندي ڪڃريءَ وانگر زناڪاري ڪئي آهي.