Jeremiah 31:18 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
يقين مون افرائيم کي ماتم ڪندو ٻڌو آهي جو چوي ٿو تہ تو مون کي سيکت ڏني آهي، ۽ مون انهي گابي وانگي سيکت پاتي جو پاڃاريءَ جو هريل نہ هو: تون مون کي ڦيراءِ تہ آءٌ ڦران: ڇالاءِ جو تون خداوند منهنجو خدا آهين.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
يقيناً مون اسرائيل وارن کي روئندي رڙندي ۽ هي چوندي ٻڌو آهي تہ ’اي خداوند! تو اسان کي اهڙي سيکت ڏني آهي، جهڙي جڙ گابي کي ڏبي آهي، ۽ اسين سکي ويا آهيون. سو تون اسان کي توفيق ڏي تہ هاڻ اسين تو آڏو توبهہ‌تائب ٿيون، ڇاڪاڻ تہ تون خداوند اسان جو خدا آهين.