Jeremiah 31:23 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ جڏهن آءٌ هنن جا قيدي موٽائي آڻيندس تڏهن هو وري بہ يهوداہ جي زمين ۾ ۽ ان جي شهرن ۾ هيئن چوندا: تہ اي انصاف جا مڪان، اي پاڪ جبل، شل خداوند توکي برڪت ڏئي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
قادرِمطلق خداوند ، بني اسرائيل جو خدا فرمائي ٿو تہ ”جڏهن آءٌ اوهان جي خوشحالي بحال ڪندس، تڏهن ماڻهو يهوداہ جي شهرن بلڪ سڄي ملڪ ۾ وري هيئن چوندا تہ ’اي پاڪ جبل صيئون! جيڪو سچائيءَ سان ڀرپور آهين، شل خداوند تو کي برڪتون عطا ڪندو رهي.‘