Jeremiah 31:32 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
خداوند ٿو فرمائي، تہ نہ انهي عهد اقرار موجب جو مون هنن جي ابن ڏاڏن سان انهي ڏينهن ڪيو هو جڏهن هنن جو هٿ وٺي هنن کي مصر جي زمين مان ڪڍي آيس؛ جو عهد اقرار هنن ڀڳو، جيتوڻيڪ آءٌ هنن جي لاءِ مڙس جي بجاءِ هوس.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اهو عهد انهيءَ عهد جهڙو نہ هوندو، جيڪو مون هنن جي ابن ڏاڏن سان ان وقت ٻڌو هو، جڏهن آءٌ سندن رهنمائي ڪندي کين مصر مان ٻاهر ڪڍي آيو هئس. هنن اهو عهد ٽوڙي ڇڏيو هو، توڙي جو آءٌ سندن مالڪ هئس.