Jeremiah 32:35 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ هنن بعل جا اُهي مٿانهان مڪان جوڙيا، جي هنوم جي واديءَ ۾ آهن، انهي لاءِ تہ پنهنجن پٽن ۽ پنهنجن ڌيئن کي مولڪ جي لاءِ باهہ مان لنگهائين؛ جنهن جي ڪرڻ لاءِ مون نہ هنن کي حڪم ڏنو، نڪي اها ڳالهہ منهنجي دل ۾ آئي تہ هو اهڙو ڪراهت جهڙو ڪم ڪن، ۽ يهوداہ کان گناهہ ڪرائين.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هنن بعل ديوتا جي پوڄا لاءِ هنوم ماٿريءَ ۾ پوڄا گھر ٺاهيا، جتي پنهنجن پٽن ۽ ڌيئرن کي مولڪ ديوتا جي لاءِ باهہ ۾ قربان ڪيائون. انهيءَ ڳالهہ جو مون نہ هنن کي حڪم ڏنو، نہ وري اها ڳالهہ منهنجي دل ۾ آئي تہ هو اهڙو ڪراهت جهڙو ڪم ڪن ۽ اهڙيءَ طرح سڀ يهوداہ وارا گناهن ۾ غرق ٿي وڃن.“