Jeremiah 32:44 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
ماڻهو پئسن تي ٻنيون خريد ڪندا، ۽ دستاويزن تي صحيح ڪندا، ۽ اُنهن تي مهرون هڻندا ۽ شاهدي ڏيندا؛ جهڙو بنيمين جي زمين ۾، تهڙو يروشلم جي آس پاس ۽ يهوداہ جي شهر ۾: جهڙو ڪوهستان جي شهرن ۾، تهڙو نشيب واري زمين ۽ ڏکڻ جي شهرن ۾: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ هنن جا قيدي موٽائيندس.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پئسن سان ٻنيون خريد ڪيون وينديون، دستاويزن تي صحيحون ٿينديون، انهن تي مهرون لڳنديون ۽ شاهدن جون شاهديون لکبيون. جهڙو بنيامين جي علائقي ۾، تهڙو يروشلم جي آسپاس ۽ يهوداہ جي ٻين شهرن ۾، جهڙو جابلو علائقي ۾ تهڙو هيٺاهين زمين ۾ ۽ ڏکڻ وارن شهرن ۾ ائين ئي ٿيندو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ پنهنجي قوم کي سندن وطن ۾ موٽائي آڻي خوشحال ڪندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“