Jeremiah 32:8 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
تڏهن منهنجي چاچي جو پٽ حنم ايل خداوند جي ڪلام موجب پهري وارن جي ايوان ۾ مون وٽ آيو، ۽ مون کي چيائين تہ آءٌ توکي منٿ ٿو ڪريان تہ جيڪا منهنجي ٻني عنتوت ۾ آهي، ۽ جا بنيمين جي زمين آهي، سا خريد ڪر، ڇالاءِ جو موروثي حق ۽ خريداريءَ جو حق تنهنجو آهي؛ سو اُها پنهنجي لاءِ خريد ڪر. تڏهن مون کي معلوم ٿيو تہ اهو خداوند جو ڪلام هو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
سو خداوند جي فرمان موجب منهنجو سؤٽ حنم‌ايل انهيءَ اڱڻ واري ڪمري ۾ مون وٽ آيو ۽ مون کي چيائين تہ ”منهنجي جيڪا ٻني بنيامين جي علائقي ۾ عنتوت شهر ۾ آهي، سا تون پنهنجي لاءِ خريد ڪر، ڇاڪاڻ تہ اها اباڻي ٻني خريد ڪرڻ جو حق تنهنجو ئي آهي.“ مون ڄاتو ٿي تہ اهو خداوند جو حڪم آهي،