Jeremiah 33:12 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ هي هنڌ، جو ويران آهي ۽ منجهس ڪوبہ ماڻهو ۽ جانور ڪونهي، اُتي ۽ اُن جي سڀني شهرن ۾ وري بہ ڌنارن جي رهڻ جي جاءِ ٿيندي، جي پنهنجن ڌڻن کي اُتي سمهاريندا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”هي ملڪ جيڪو ويران آهي ۽ منجھس ڪوبہ ماڻهو يا جانور ڪونہ ٿو رهي، تنهن جي سڀني شهرن وٽ وري بہ ڌنارن کي ڌڻن جي چارڻ لاءِ چراگاهہ هوندا.