Jeremiah 33:24 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
جيڪي هن قوم ڳالهايو آهي تنهن تي تو ويچار نہ ڪيو ڇا، جو چون ٿا تہ جن ٻن فرقن کي خداوند پسند ڪيو، تن کي هن رد ڪري اُڇلائي ڇڏيو آهي؟ انهي طرح هو منهنجي قوم کي ڌڪارين ٿا، انهي لاءِ تہ اُهي سندن اڳيان وري ڪڏهن بہ قوم ٿي نہ رهن.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
”ڇا تو هن ڳالهہ ڏانهن ڌيان نہ ڏنو آهي جو ماڻهو چون ٿا تہ ’ خداوند اسرائيل ۽ يهوداہ کي رد ڪري ڇڏيو آهي، جن کي چونڊي پنهنجي قوم بڻايو هئائين‘؟ هو ائين چوندي منهنجي قوم کي ڌڪارين ٿا ۽ کيس قوم ئي نہ ٿا سمجھن.