Jeremiah 33:9 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ هي شهر منهنجي لاءِ زمين جي سڀني قومن جي اڳيان خوشيءَ جو نالو، ۽ تعريف، ۽ فخر جو باعث ٿيندو، ۽ جيڪا چڱائي آءٌ هنن سان ڪندس، سا سڀ اُهي قومون ٻڌنديون، ۽ جيڪا چڱائي ۽ جيڪا خير سلامتي آءٌ ان جي لاءِ موجود ڪندس، سا ڏسي هو ڊڄنديون ۽ ڏڪنديون.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تڏهن يروشلم شهر منهنجي لاءِ دنيا جي سڀني قومن اڳيان خوشيءَ، واکاڻ ۽ فخر جو باعث بڻبو. سو جيڪي چڱيون ڳالهيون آءٌ هن شهر لاءِ ڪندس ۽ انهيءَ کي بيحد خوشحالي ۽ امن عطا ڪندس، تن بابت ٻڌي اهي قومون خوف وچان ڏڪڻ لڳنديون.“