Jeremiah 34:1 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
جڏهن بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر ۽ سندس سڄو لشڪر، ۽ جيڪي زمين جون بادشاهتون سندس حڪم هيٺ هيون، ۽ باقي سڀ قومون يروشلم سان ۽ اُن جي سڀني شهرن سان وڙهيون، تڏهن خداوند جو ڪلام يرمياہ نبيءَ تي نازل ٿيو، تہ
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر ۽ سندس سڄو لشڪر دنيا جي انهن بادشاهتن جي لشڪرن سميت، جيڪي سندس ئي راڄ هيون، يروشلم ۽ ان جي آسپاس وارن ڳوٺن سان جنگ ڪري رهيو هو. ان وقت خداوند ، بني اسرائيل جي خدا مون يرمياہ کي يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ لاءِ هي پيغام ڏنو تہ ”آءٌ هي شهر يروشلم بابل جي بادشاهہ جي هٿ ۾ ڏيڻ وارو آهيان، جيڪو ان کي باهہ ڏيئي ساڙي ڇڏيندو.