Jeremiah 36:31 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ آءٌ هن کي، ۽ سندس اولاد کي، ۽ سندس نوڪرن کي، سندن بدڪاريءَ سبب سزا ڏيندس؛ ۽ آءٌ هنن تي، ۽ يروشلم جي رهاڪن تي، ۽ يهوداہ جي ماڻهن تي اُها سڀ خرابي آڻيندس جا مون سندن برخلاف ظاهر ڪري ٻڌائي، ۽ هنن نہ ٻڌي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
آءٌ تو کي، تنهنجي اولاد کي ۽ تنهنجي عملدارن کي اوهان جي ڪيل بدڪاريءَ جي سزا ڏيندس. آءٌ اوهان تي، يروشلم جي رهاڪن تي، بلڪ سڄي يهوداہ جي ماڻهن تي هر اها مصيبت آڻيندس جنهن جي آڻڻ بابت مون اڳ ۾ ئي ٻڌائي ڇڏيو آهي، ڇاڪاڻ تہ اوهان مان ڪنهن بہ منهنجي نہ ٻڌي آهي.‘“