Jeremiah 39:16 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
وڃي عبد ملڪ ڪوشيءَ کي چئُہ، تہ لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ پنهنجون ڳالهيون هن شهر تي خرابيءَ جي لاءِ آڻيندس، نہ چڱائي جي لاءِ؛ ۽ اُهي انهي ڏينهن تنهنجي اڳيان پوريون ٿينديون.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
”اي يرمياہ! تون وڃي عبدملڪ سوڊانيءَ کي مون قادرِمطلق خداوند ، بني اسرائيل جي خدا جو هي فرمان ٻڌاءِ تہ ’آءٌ پنهنجيون چڱائيءَ واريون ڳالهيون نہ، بلڪ اڳ مقرر ڪيل مصيبت واريون ڳالهيون هن شهر تي آڻي پوريون ڪرڻ وارو آهيان. هائو، اهي مقرر ڏينهن تي تنهنجي اکين اڳيان پوريون ٿينديون.