Jeremiah 40:15 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
تڏهن يوحنان بن قريحہ، مصفاہ ۾ جدلياہ کي لڪائي چيو تہ آءٌ توکي منٿ ٿو ڪريان تہ مون کي ڇڏ تہ آءٌ وڃان ۽ اسماعيل بن نتنياہ کي قتل ڪريان، ۽ ڪنهن ماڻهو کي انهي جي خبر نہ پوندي: ڇو هو تنهنجو ساهہ وٺي، جنهن ڪري سڀ يهودي جي تو وٽ گڏ ٿيا آهن، سي ٽڙي پکڙي وڃن ۽ يهوداہ جا باقي بچيل ماڻهو ناس ٿي وڃن؟
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تڏهن يوحنان جِدلياہ کي ڳجھہ ڳوهہ ۾ چيو تہ ”مون کي اجازت ڏيو تہ آءٌ اسماعيل ولد نتنياہ کي قتل ڪريان، انهيءَ ڳالهہ جي ڪنهن کي بہ خبر نہ پوندي. آءٌ نہ ٿو چاهيان تہ هو اوهان جي جان وٺي ۽ پوءِ جيڪي يهوداہ وارا اوهان وٽ اچي گڏ ٿيا آهن سي وري ڇڙوڇڙ ٿي وڃن ۽ يهوداہ جا باقي بچيل ماڻهو پڻ ناس ٿي وڃن.“