Jeremiah 40:5 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
هاڻي جڏهن اڃا هو موٽي نہ ويو هو، تڏهن هن چيس تہ موٽي جدلياہ بن اخيقام، بن سافن، ڏي وڃ، جنهن کي بابل جي بادشاهہ يهوداہ جي شهرن تي حاڪم مقرر ڪيو آهي، ۽ اُنهي سان گڏ قوم منجهہ رهہ: يا ٻيو جتي بہ توکي مناسب نظر اچي اُتي وڃ. پوءِ پهري وارن جي سردارن هنن کي کاڌو ۽ انعام ڏيئي روانو ڪري ڇڏيو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
آءٌ اڃا اتان روانو ئي نہ ٿيو هئس تہ نبوزرادان مون کي وڌيڪ چيو تہ ”چڱو تہ ائين آهي جو تون موٽي جِدلياہ ولد اخيقام ولد سافن وٽ وڃ، جنهن کي بابل جي بادشاهہ يهوداہ جي شهرن تي گورنر مقرر ڪيو آهي. تون پنهنجي قوم منجھہ ئي وٽس وڃي رهہ، يا جتي تو کي وڻي اتي وڃي رهہ.“ پوءِ انهيءَ سالار مون کي کاڌو ۽ سوکڙيون ڏيئي روانو ڪيو.