Jeremiah 40:7 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
هاڻي جڏهن لشڪرن جا سردار جي ميدان ۾ هئا، تن ۽ سندن ماڻهن ٻڌو تہ بابل جي بادشاهہ جدلياہ بن اخيقام کي انهيءَ ملڪ جو حاڪم ڪيو آهي، ۽ انهي کي سڀ مرد، ۽ زالون، ۽ ٻار، ۽ ملڪ جا تمام غريب ماڻهو، ۽ جيڪي قيدي ٿي بابل ڏي نہ موڪليا ويا هئا، سي سڀ حوالي ڪري ڏنا اٿس؛
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
يهوداہ جي لشڪر جي سالارن ۽ يهوداہ جي انهن ماڻهن جيڪي اڃا ٻاهر وڙهي رهيا هئا، تن جڏهن ٻڌو تہ جِدلياہ ولد اخيقام کي بابل جي بادشاهہ يهوداہ ملڪ جو گورنر مقرر ڪيو آهي ۽ ان کي ملڪ جي بچيل سڀني ماڻهن، يعني اهي غريب ماڻهو جيڪي قيدي بڻائي بابل ڏانهن نہ موڪليا ويا هئا، تن جو نگران بڻايو اٿائين،