Jeremiah 40:9 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ جدلياہ بن اخيقام، بن سافن، قسم کڻي اُنهن کي ۽ انهن جي ماڻهن کي چيو، تہ ڪسدين جي نوڪري ڪرڻ کان نہ ڊڄو: انهيءَ ملڪ ۾ رهو ۽ بابل جي بادشاهہ جي خدمت چاڪري ڪريو، تہ اوهان جو ڀلو ٿيندو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تڏهن گورنر جِدلياہ انهن سڀني ماڻهن سان واعدو ڪندي کين چيو تہ ”بابل جي بادشاهہ ۽ سندس لشڪر جي تابعداري ڪرڻ کان نہ گھٻرايو. اهو اوهان لاءِ چڱو ٿيندو، اهڙيءَ طرح اوهين پنهنجي ئي ملڪ ۾ آباد ٿي ويندا.