Jeremiah 41:16 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
تڏهن يوحنان بن قريحہ ۽ جيڪي لشڪرن جا سردار ساڻس هئا تن سڀني انهن باقي بچيلن ماڻهن کي ورتو، جن کي جدلياہ بن اخيقام جي قتل ڪرڻ کان پوءِ هن مصفاہ مان اسماعيل بن نتنياہ جي هٿان ڇڏايو هو، يعني جنگي ماڻهو، ۽ زالون، ۽ ٻار، ۽ ناظر، جن کي هن وري جبعون مان آندو هو:
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پوءِ يوحنان ولد قريح ۽ ساڻس گڏ لشڪر جا سالار انهن ماڻهن کي ساڻ ڪري هليا، جن کي گورنر جِدلياہ جي قتل ڪرڻ کان پوءِ اسماعيل مصفاہ مان قيد ڪري وٺي ٿي ويو، يعني اهي جنگي جوڌا، عورتون، ٻار ۽ درٻاري عملدار.