Jeremiah 42:18 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا فرمائي، ٿو تہ جيئن منهنجي ڪاوڙ ۽ منهنجو غضب يروشلم جي رهاڪن تي اوتيو ويو آهي، تيئن منهنجو غضب اوهان تي بہ اوتيو ويندو، جڏهن اوهين مصر ۾ گهڙندا: ۽ اوهين نفرت، ۽ حيرت، ۽ لعنت، ۽ ملامت جو سبب ٿيندا؛ ۽ اوهين هي هنڌ وري ڪڏهن بہ نہ ڏسندا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
سو جيڪڏهن اوهين مصر ۾ وڃي رهندا، تہ پوءِ جهڙيءَ طرح منهنجي ڪاوڙ ۽ منهنجو غضب يروشلم تي نازل ٿيو آهي، تهڙيءَ طرح منهنجو غضب اوهان تي بہ نازل ٿيندو. اوهين لعنت، عبرت، پٽ پاراتي ۽ ملامت جو ڪارڻ بڻجي پوندا. پوءِ اوهين هي هنڌ وري ڪڏهن بہ نہ ڏسندا. اهو مون قادرِمطلق خداوند ، بني اسرائيل جي خدا جو فرمان آهي.‘