Jeremiah 42:2 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ يرمياہ نبيءَ کي چوڻ لڳا تہ اسين توکي منٿ آزي ٿا ڪريون تہ تنهنجي خدمت ۾ جيڪو اسان جو عرض آهي سو قبول پوي ۽ تون اسان جي لاءِ، يعني هي ماڻهو جيڪي بچيا آهن تن سڀني جي لاءِ، خداوند پنهنجي خدا کان دعا گهر؛ ڇالاءِ جو اسين گهڻن مان ڪي ٿورا وڃي رهيا آهيون، جيئن تون پنهنجن اکين سان اسان کي ڏسين ٿو:
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
مون يرمياہ وٽ آيا ۽ مون کي چيائون تہ ”اسان جو عرض آهي تہ اوهين مهرباني ڪري خداوند خدا جنهن جا اوهين خاص ٻانها آهيو، تنهن کان هنن باقي بچيلن لاءِ دعا گھرو. اوهين پاڻ ڏسو ٿا تہ ڪڏهن تہ اسين گھڻا هئاسين پر هاڻ ٿورڙا وڃي بچيا آهيون.