Jeremiah 43:10 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ انهن کي چئُہ تہ لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا، هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ پنهنجي ٻانهي بابل جي بادشاهہ نبوڪدرضر کي گهرائي، انهي جو تخت انهن پهڻ تي رکندس، جي مون لڪايا آهن؛ ۽ هو پنهنجو شاهي شاميانو انهن جي مٿان پکيڙيندو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پوءِ کين مون قادرِمطلق خداوند ، بني اسرائيل جي خدا جو هي فرمان ٻڌاءِ تہ ’آءٌ بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر کي گھرائيندس، جنهن کي مون هن ڪم لاءِ چونڊيو آهي. آءٌ سندس تخت انهن پٿرن تي قائم ڪندس، جيڪي مون هتي هڻايا آهن. هو پنهنجو شاهي شاميانو انهن جي مٿان پکيڙيندو.