Jeremiah 43:12 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ آءٌ مصر جي معبودن جي گهرن ۾ باهہ ٻاريندس؛ ۽ هو انهن کي ساڙيندو ۽ انهن کي قيد ڪري وٺي ويندو: ۽ هو مصر جو ملڪ چوڌاري ائين ويڙهيندو جيئن ڪو ڌنار پنهنجي چادر ڍڪيندو آهي؛ پوءِ هو اُتان صحيح سلامت هليو ويندو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
آءٌ مصر جي بتخانن ۾ باهيون ڀڙڪائيندس ۽ بابل جو بادشاهہ انهن کي ساڙي ڇڏيندو ۽ انهن جي بتن کي قبضي ۾ آڻي پاڻ سان کڻي ويندو. جهڙيءَ طرح ڪو ڌنار پنهنجي چادر مان جيت ڪڍي انهيءَ کي بلڪل صاف ٿو ڪري، تهڙيءَ ئي طرح بابل جو بادشاهہ مصر ملڪ مان سڄو مال ملڪيت لٽي ڦري ملڪ کي خالي ڪري ڇڏيندو ۽ پوءِ پنهنجي مرضيءَ سان صحيح سلامت هليو ويندو.