Jeremiah 44:26 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
تنهن ڪري اي يهوداہ جي سڄي قوم، اوهين جي مصر جي ملڪ ۾ رهو ٿا، سي خداوند جو ڪلام ٻڌو: خداوند ٿو فرمائي، تہ ڏسو، مون پنهنجي وڏي نالي جو قسم کنيو آهي تہ مصر جي سڄي ملڪ ۾ يهوداہ جي ڪنهن بہ ماڻهوءَ جي واتان اڳتي وري منهنجو نالو نہ نڪرندو، ۽ ڪوبہ ڪونہ چوندو تہ خداوند جيئري جو قسم آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پر اي مصر ۾ رهندڙ سڀ يهوداہ وارؤ! مون خداوند جو هي فرمان ٻڌي ڇڏيو. آءٌ پنهنجي عظيم نالي جو قسم کڻي چوان ٿو تہ مصر جي سڄي ملڪ ۾ اوهان جو ڪوبہ ماڻهو پنهنجي واتان اڳتي وري منهنجو نالو وٺي هيئن نہ چوندو تہ ” خداوند جيئري خدا جو قسم آهي.“