Jeremiah 44:3 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
تنهنجو سبب هيءُ آهي تہ هنن جي شرارت مون کي ڪاوڙ ڏياري، جو هنن وڃي ٻين معبودن لاءِ لوبان ساڙيا ۽ انهن جي عبادت ڪيائون، جنهن کي نہ هنن ٿي ڄاتو، يعني نہ اوهان نہ اوهان جي ابن ڏاڏن.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اهو اتان جي رهاڪن جي ڪيل بڇڙائيءَ سببان ٿيو. هنن غير معبودن جي پوڄا ڪري ۽ انهن لاءِ قربانيون پيش ڪري مون کي ڪاوڙ ڏياري. انهن معبودن کي نہ هنن ٿي ڄاتو، نہ اوهان ۽ نہ وري اوهان جي ابن ڏاڏن.