Jeremiah 44:7 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
تنهن ڪري هاڻي خداوند، لشڪرن جو خدا، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڇو اوهين پنهنجن جانين جي برخلاف هيءَ وڏي خرابي ٿا ڪريو، جو يهوداہ جي وچان اوهان مان مرد، ۽ زال، ۽ ٻار ۽ کير پياڪ وڍيا وڃن، ۽ ڪوبہ ڪونہ بچي؛
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هاڻ آءٌ قادرِمطلق خداوند ، بني اسرائيل جو خدا چوان ٿو تہ ڇو اوهين پنهنجين جانين تي هيءَ وڏي مصيبت ٿا آڻيو، جنهن سبب اوهين مرد، عورتون، ٻار ۽ کير پياڪ ناس ٿي وڃو ۽ اوهان يهوداہ وارن مان ڪوبہ جيئرو نہ بچي؟