Jeremiah 48:11 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
موآب ننڍي هوندي کان آرام ۾ رهيو، ۽ اُن جي ڪٽي تري ۾ ويهي ويئي آهي، ۽ هو هڪڙي ٿانوَ مان ٻئي ٿانوَ ۾ نہ اوتيو ويو آهي، ۽ نہ هو قيد ٿي موڪليو ويو آهي: تنهن ڪري هن جو سواد قائم آهي، ۽ ان جي بوءِ بدلي نہ آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
خداوند فرمائي ٿو تہ ”موآب وارا پنهنجي قوم جي شروعات کان وٺي امن وَ سلامتيءَ سان رهيا آهن، اهي ڪڏهن بہ جلاوطن نہ ڪيا ويا آهن. هائو، موآب وارا مئي جي اهڙي پيالي مثل آهن، جنهن ۾ ڪا هلچل نہ اچڻ ڪري ان جي مئي آٺرجي صاف ٿي وڃي. اها هڪڙي ٿانو مان ٻئي ٿانو ۾ ڪڏهن بہ نہ اوتي ويئي آهي، جنهن سبب هن جو سواد قائم آهي، ۽ ان جي خوشبوءِ نہ بدلي آهي.