Jeremiah 48:32 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
اي سبماہ جي ڊاک آءٌ تنهنجي لاءِ يعزير جي روڄ کان وڌيڪ رئندس: تنهنجون ٽاريون سمنڊ جي مٿان لنگهي ويون، بلڪ اُهي يعزير جي سمنڊ تائين وڃي پهتيون: تنهنجن گرمي جي ميون تي ۽ تنهنجي ڊاک جي فصل تي ليٽندڙ اچي ڪڙڪيو آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اي موآب جي شهر سبماہ جا رهاڪؤ! آءٌ اوهان جي تباهيءَ تي انهيءَ کان بہ وڌيڪ روئندس، جيترو يعزير شهر لاءِ رنو هئس. اوهين انگورن جي اهڙيءَ ول جيان آهيو، جنهن جون ٽاريون کاري سمنڊ کان ٽپي ويون هجن، ۽ يعزير شهر تائين وڃي پهتيون هجن. ۽ ان ول ۾ انگورن جو قيمتي فصل پيدا ٿيل هجي. هاڻي ان تي تباهي مچائيندڙ هڪ لشڪر اچي ڪڙڪندو.