Jeremiah 48:39 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
ڪيئن نہ اُهو ڀڃي ڇڏيو ويو آهي! ڪيئن نہ هو واويلا ڪن ٿا! ڪيئن نہ موآب شرم کان پٺ ورائي آهي! انهي طرح موآب سڀني آس پاس وارن جي لاءِ کل ۽ خوف جو سبب ٿيندو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
آہ! اهو ڪيئن نہ ڀڃي ڀورا ڪيو ويندو! موآب وارا ڪيئن نہ واءِ‌ويلا ڪري روئندا. آہ! موآب ڪيئن نہ خوار خراب ڪيو ويندو! موآب تي اهڙي تہ ڀيانڪ بربادي اچي ڪڙڪندي، جو سندس سڀيئي آس‌پاس واريون قومون مٿس کِلَ ٺٺوليون ڪنديون. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“