Jeremiah 49:2 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
تنهن ڪري ڏس، خداوند ٿو فرمائي تہ اُهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن آءٌ بني عمون جي ربہ تي جنگ جو هل اُٿاريندس، جو ماڻهو ٻڌندا؛ ۽ اهو هڪڙو ويران ڍير ٿي پوندو، ۽ ان جون ڌيئون باهہ سان ساڙيون وينديون: تنهن کان پوءِ، خداوند ٿو فرمائي، تہ اسرائيل انهن جو مالڪ ٿيندو جي ان جا مالڪ هئا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هاڻي ڏسو، اهي ڏينهن اچن ٿا، جڏهن بني عمون جي گاديءَ واري شهر ربہ وارا جنگ جي للڪار ٻڌندا. پوءِ اهو شهر هڪڙو ويران دڙو ٿي پوندو، ۽ ان جي آس‌پاس وارا ڳوٺ باهہ ڏيئي ساڙيا ويندا. ان کان پوءِ اسرائيل وارا موٽي بني عمون کي پنهنجي علائقي مان هڪالي ڪڍي ڇڏيندا، جتان اڳ ۾ بني عمون کين هڪالي ڪڍيو هو.