Jeremiah 49:22 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
ڏس هو چڙهي ايندو، ۽ عقاب وانگي اُڏامي پنهنجا پر بصرہ جي برخلاف پکيڙيندو؛ ۽ اُنهي ڏينهن ادوم جي بهادر مرد جي دل سورن واري زال جي دل جهڙي ٿيندي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ڏسو، دشمن لشڪر عقاب وانگر اڏامندو ۽ بُصراہ مٿان پنهنجا پر پکيڙيندو. انهيءَ ڏينهن ادوم جي بهادر مردن جي دل ۾ اهڙي تہ دهشت هوندي، جهڙي ويم جي سورن واري عورت جي دل ۾ هوندي آهي.