Jeremiah 5:19 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن اوهين چوندا تہ خداوند اسان جي خدا ڇالاءِ اسان سان هي سڀ جُٺيون ڪيون آهن؟ تڏهن انهن کي چئج، تہ جيئن اوهان مون کي ڇڏي پنهنجي ملڪ ۾ ڌارين معبودن جي عبادت پئي ڪئي آهي، تيئن اوهين بہ، جو ملڪ اوهان جو ناهي تنهن ۾ ڌارين جي ٻانهپ ڪندا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جڏهن ماڻهو پڇن تہ ’ خداوند اسان جي خدا اهو سڀ ڪجھہ اسان سان ڇو ڪيو آهي؟‘ تڏهن اي يرمياہ! تون کين ٻڌائج تہ جيئن هنن مون کي ڇڏي پنهنجي ئي ملڪ ۾ ڌارين معبودن جي پوڄا ڪئي آهي، تيئن ئي هاڻ هو بہ ڌارئي ملڪ ۾ ڌارين جي غلامي ڪندا.“