Jeremiah 50:21 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
مراتايم جي زمين تي چڙهي وڃ، هائو، اُنهي تي ۽ فقود جي رهاڪن تي: خداوند ٿو فرمائي، تہ انهن کي ڪُهہ، ۽ انهن کي اصل ناس ڪري ڇڏ، ۽ جيئن مون توکي حڪم ڏنو آهي تيئن ڪر.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
خداوند بابل جي دشمنن کي فرمائي ٿو تہ ”بابل ملڪ جي مراتايم ۽ فقود جي علائقن تي حملو ڪريو، انهن جي رهاڪن کي قتل ڪري بلڪل ناس ڪري ڇڏيو، جيئن مون اوهان کي حڪم ڏنو آهي تيئن ئي ڪريو.