Jeremiah 51:27 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
اوهين انهي ملڪ ۾ هڪڙو جهنڊو کڙو ڪريو، قومن منجهہ قرناءِ وڄايو، قومن کي ان جي برخلاف تيار ڪريو، هن سان وڙهڻ لاءِ اراراط، مني ۽ اشڪناز جون حڪومتون سڏي آڻي گڏ ڪريو: هن سان وڙهڻ لاءِ هڪڙو سپهہ سالار مقرر ڪريو: گهوڙن کي کهرن سوٻٽن وانگي چاڙهي اچو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اي سڀني قومن وارؤ! اوهين انهيءَ ملڪ تي حملي لاءِ هڪڙو جھنڊو کڙو ڪريو. پنهنجين قومن منجھہ نفيل وڄائي، انهن کي بابل جي خلاف جنگ لاءِ تيار ڪريو. هن سان وڙهڻ لاءِ اراراط، مِنِي ۽ اشڪناز جي بادشاهتن جي لشڪرن کي سڏي گڏ ڪريو. هن سان وڙهڻ لاءِ هڪڙو سپهہ‌سالار مقرر ڪريو. ماڪڙ جي ڪٽڪن جيان گھوڙن وارا لشڪر مٿس چاڙهي آڻيو.