Jeremiah 51:34 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
بابل جو بادشاهہ نبوڪدرضر مون کي ڳڙڪائي ويو آهي، هن مون کي چپي ڇڏيو آهي، هن مون کي خالي ٿانوَ ڪري ڇڏيو اهي، هو مون کي ازدها وانگي ڳهي ويو آهي، هن منهنجن نعمتن سان پنهنجو پيٽ ڀريو آهي؛ هن مون کي اُڇلائي ڪڍي ڇڏيو آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
بيشڪ بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر يروشلم جي مال متاع سان پنهنجو پيٽ ڀري، يروشلم کي سکڻو ڀانڊو بڻائي ڇڏيو آهي، بلڪ انهيءَ کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو اٿائين. هو يروشلم کي ڳڙڪائي ويو، هائو، هو انهيءَ کي ازدها بلا وانگر ڳهي ويو.