Jeremiah 52:7 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
تنهن کان پوءِ شهر جي ڀت هڪڙي هنڌان ڀڃي وڌائون، ۽ سڀ جنگي مرد اُٿي ڀڳا، ۽ رات جو ٻن ڀتين جي وچ وارو در، جو بادشاهہ جي باغ جي پاسي کان هو، تنهن رستي شهر مان نڪري ٻاهر ٿيا؛ (هاڻي ڪسدي شهر جي چوڌاري موجود هئا:) ۽ هو عرباہ جو رستو ڏيئي هليا ويا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
بابل وارن هڪڙي هنڌان شهر جي ڀت ڀڳي. تنهن وقت جنگي جوڌا ان دروازي منجھان ڀڄي ٻاهر نڪري ويا جيڪو بادشاهہ جي باغ جي ڀرسان گھٽيءَ ۾ هو، جڏهن تہ بابل وارا شهر جو گھيرو ڪيو بيٺا هئا. اهي اردن ماٿريءَ وارو رستو وٺي ڀڄڻ لڳا.