Jeremiah 6:11 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
تنهن ڪري آءٌ خداوند جي ڪاوڙ سان ڀرجي ويو آهيان؛ آءٌ جهلي جهلي ٿڪجي پيو آهيان: اُها بازار ۾ ٻارن تي، ۽ جوان ماڻهن جي جماعت تي گڏي اوتي وجهہ: ڇالاءِ جو مرد زال سميت پڪڙيو ويندو، ۽ ٻڍو، پوريءَ عمر واري ماڻهوءَ سميت.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پر اي خداوند! انهيءَ سبب هنن خلاف تنهنجي ڪاوڙ مون ۾ ايتري تہ ڀرجي ويئي آهي، جو هاڻ آءٌ انهيءَ ڪاوڙ کي وڌيڪ روڪي نہ ٿو سگھان.“ تنهن تي خداوند مون کي فرمايو تہ ”وڃي گھٽين ۾ گڏ ٿيل ٻارن، ۽ جوان ماڻهن جي مجلسن تي اُها اُٽلاءِ، مرد توڙي عورتون، پوڙها توڙي عمررسيدہ، سڀ انهيءَ ۾ ڦاسي پوندا، ڪوبہ انهيءَ کان بچي نہ سگھندو.