Jeremiah 7:21 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهين پنهنجون سوختني قربانيون پنهنجي ذبح ڪرڻ وارين قربانين سان گڏيو، ۽ اوهين ئي گوشت کائو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
قادرِمطلق خداوند ، بني اسرائيل جو خدا فرمائي ٿو تہ ”اي منهنجي قوم وارؤ! اوهين قاعدي مطابق ڪي قربانيون مون لاءِ مخصوص ڪري قربان‌گاهہ تي ساڙي ڇڏيندا آهيو ۽ ڪي کائيندا آهيو. پر هاڻي انهن جي ڪابہ اهميت ناهي. سو ڀلي تہ اوهين سڀ جون سڀ کائي ڇڏيو.