Jeremiah 9:22 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
چئو تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ماڻهن جا مڙهہ کليل ميدان تي ائين ڪرندا جيئن ڇيڻا، ۽ جيئن لاباري ڪندڙ جي پٺيان ڪريل سٽا، ۽ ڪوبہ انهن کي گڏ ڪين ڪندو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
خداوند مون کي هي اعلان ڪرڻ لاءِ چيو تہ ’ماڻهن جا لاش کُليل ميدان ۾ گند ڪچري وانگر پکڙيا پيا هوندا، جيئن ڪنهن لاباري ڪندڙ جي پويان اناج جا تِيلا ڪريا پيا هوندا آهن، جن کي ڪوبہ گڏ ڪرڻ وارو نہ هوندو آهي.‘“