Job 1:8 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ خداوند شيطان کي چيو تہ منهنجي ٻانهي ايوب بنسبت ڪو ويچار ڪيو اٿيئي؟ ڇالاءِ جو زمين تي انهيءَ جهڙو ڪامل ۽ سچو ماڻهو ٻيو ڪونهي جو خدا کان ڊڄي، ۽ بڇڙائيءَ کان پاسو ڪري.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تڏهن خداوند شيطان کي چيو تہ ”تو منهنجي ٻانهي ايوب جي حال تي بہ ڪو غور ڪيو؟ جو هن جهڙو ڪامل ۽ سچو انسان ڌرتيءَ تي ٻيو ڪوبہ ڪونهي، جيڪو مون خدا جو خوف رکي ۽ بڇڙائيءَ کان پاسو ڪري.“