Job 2:3 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ خداوند شيطان کي چيو تہ تو منهنجي ٻانهي ايوب جي بابت ڪو ويچار ڪيو آهي؟ ڇالاءِ جو زمين تي انهيءَ جهڙو ڪامل ۽ سچو ٻيو ڪونهي، اهڙو جو خدا کان ڊڄي ۽ بڇڙائيءَ کان پاسو ڪري: ۽ هو اڃا تائين پنهنجي سچائي وٺيو اچي، جيتوڻيڪ تو مون کي انهيءَ جي برخلاف چوريو، تہ بي سبب هن کي ناس ڪريان.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تڏهن خداوند شيطان کي چيو تہ ”تو منهنجي ٻانهي ايوب جي حال تي بہ ڪو غور ڪيو؟ جو هن جهڙو ڪامل ۽ سچو انسان ڌرتيءَ تي ٻيو ڪوبہ ڪونهي، جيڪو مون خدا جو خوف ٿو رکي ۽ بڇڙائيءَ کان پاسو ڪري ٿو. هو اڃا تائين بہ سچائيءَ تي قائم رهندو اچي، جيتوڻيڪ تو مون کي هن جي خلاف چوريو تہ بيسبب کيس ناس ڪريان.“